بصرالدين سيوهاڻي حڪيم

بصرالدين سيوهاڻي، حڪيم: حڪيم بصرالدين قاضي احمد صديقيءَ جو پُٽ هو ۽ 1863ع ڌاري سيوهڻ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم کان پوءِ قانون جي سَنَدَ وٺي، سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو، پر کيس ملازمت راس نه آئي. کيس سنڌي، عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ تي دسترس هئي. انگريز سامراج سان نفرت هئڻ سبب عام وهنوار ۾ انگريزي نه ڳالهائيندو هو. کيس تاريخ ۽ سياست تي وڏو درڪ هو. ڪجهه وقت گوشه نشينيءَ ۾ به گذاريائين. گهڻو وقت ذڪر ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو .
حڪيم بصر الدين نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي واري حڪمت جي ڌنڌي کي اختيار ڪيو. وٽس پنهنجي ڏاڏي مخدوم متوفيءَ جا ڪيترا قلمي ڪتاب موجود هئا، جن ۾ معالجات ۽ مجربات بابت وڏي ڄاڻ هئي. مخدوم بصرالدين جي حڪمت جي هاڪ ٻُڌي، سڄيءَ سنڌ مان ماڻهو کانئس علاج ڪرائيندا هئا. هو حڪمت، علمِ جفر، رمل، نجوم، ڪيميا، معقولات ۽ فلسفي جو ڄاڻو هو. 11 جنوري 1938ع تي وفات ڪيائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1863.00.00  عيسوي

حڪيم بصرالدين 1863ع ڌاري سيوهڻ ۾ ڄائو.


1938.01.11  عيسوي

حڪيم بصرالدين سيوهاڻيءَ 11 جنوري 1938ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير عبدالرحمان
ع ق شيخ
پيرزادو شاهنواز مولائي
ڄام آري:
ائينيمري شمل ڊاڪٽر
الهه بچايو ٽالپر
ٽوپڻ شيخ
سيد امداد شاهه ڊڍرائي
ڀڳڙو مل ناچيز
ڍڪڻ علي اڪبر ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون